اسلام آبادپاڪستان

سياستدان جيڪو ٻج پوکيندا قوم اهو فصل ُلڻندي:خواجا آصف

اسلام آباد:بچاءَ واري وزير خواجا آصف لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياست ۾ تشدد جو رجحان قومن کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته الله پاڪ زخمين کي جلد صحتيابي ڏئي، سياست ڳالهين جو نالو آهي، 75 سالن کان اهڙا واقعا ٿيا، جن سان سياست ۾ تشدد جو رجحان وڌيو. اڄوڪو واقعو ان ڳالهه جي شاهدي ٿو ڏئي ته اسان پنهنجي سياسي نظريي ۽ پسند ناپسند لاءِ حياتي کسڻ کان به پاسو نه ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن سياستدان اهڙا لفظ استعمال ڪن ته ماري ڇڏيو، ساڙي ڇڏيو ته انهن جي ڪارڪنن کي ڏس ملي ويندو آهي، سياستدان جيڪو ٻج پوکيندا قوم ان جو فصل ُلڻندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button