پاڪستان

تحريڪ انصاف کي خطري کان اڳواٽ آگاهه ڪيو هو: پنجاب پوليس

پنجاب پوليس طرفان تحريڪ انصاف قيادت ۽ لانگ مارچ جي انتظاميا کي خطري کان اڳواٽ آگاهه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گوجرانوالا ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ عمران خان سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ان حملي کانپوءِ پنجاب پوليس جي سيڪيورٽي ۽ عمران خان جي ذاتي سيڪيورٽي تي به سوال اٿاريا پيا وڃن. اطلاع سامهون آيا آهن ته پنجاب پوليس طرفان پي ٽي آءِ لانگ مارچ انتظاميا کي خطري کان آگاهه ڪيو ويو هو، پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن کي لکت ۾ ٿريٽ بابت آگاهه ڪيو. اطلاعن موجب عمران خان جي چيف سيڪيورٽي آفيسر کي به لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو هو، ٿريٽ الرٽ پهرين نومبر تي جاري ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button