پاڪستان

عمران خان تي قاتلاڻو حملو پاڪستان تي حملو آهي،بدلو وٺنداسين: فواد چوڌري

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي ليڊر عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو پلاند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. لانگ مارچ دوران عمران خان تي قاتلاڻي حملي بعد تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري ڪنٽينر تي چڙهي مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ عوام کي واقعي بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسان جي ليڊر شپ تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، حملو ڪندڙ شخص عمران خان جي سيني کي نشانو بڻايو، ان شخص جو ٿورائتو آهيان جنهن حملو ڪندڙ کي روڪي عمران خان جي حياتي بچائي ورتي، عمران خان تي حملو پاڪستان تي حملو آهي، اسان هن واقعي جو بدلو ضرور وٺنداسين. فواد چوڌري مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کان سوال پڇيو ته هتي اسان جي ليڊر جو رت وهيو آهي، ڇا توهان بدلو وٺندئو؟ جنهن جي جواب ۾ پنڊال مان “ها” جا نعرا لڳندا رهيا، فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي چوان ٿو ته توهان واعدو ڪريو ته بدلو ضرور وٺندا، اسان امن جي پارٽي آهيون، بندوقن واري پارٽي نه آهيون، اسان جي ليڊر تي بندوقن سان حملو ڪيو ويو، جيڪي ڊڄڻا ۽ بزدل ماڻهو ان جي پٺيان آهن اهي ڪن کولي ٻڌي وٺن اسان بدلو وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button