پاڪستان

تحريڪ انصاف اڳواڻن حملو ڪندڙ جو اعترافي بيان رد ڪري ڇڏيو، خدشن جو اظهار

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن عمران خان تي حملو ڪندڙ جوابدار جي وڊيو بيان تي خدشا ظاهر ڪندي رد ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آ اڳواڻ حماد اظهر هڪ بيان ۾ چيو ته اهو ايترو آسان ناهي جو فوري طور تي اعتراف سامهون اچي ويو، عوام کي بيوقوف سمجهڻ بند ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته قاتل ڪرائي تي مقرر ڪيا ويا، ماضي ۾ به پئسن عيوض آپگهاتي حملو ڪندڙن جون خدمتون حاصل ٿينديون رهيون آهن. ٻئي طرف شهباز گل چيو ته وڊيو ۾ اعترافي بيان ڏيندڙ شخص ۽ فائرنگ ڪندڙ شخص جي ڪپڙن ۾ فرق آهي، قوم ايتري بيوقوف ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button