اسلام آبادپاڪستان

عمران خان تي لانگ مارچ دوران قاتلاڻو حملو، فائرنگ ۾ 13 ڪارڪنن سميت زخمي، هڪ شخص مارجي ويو

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو ۽ هو گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، پي ٽي آ اڳواڻن سميت 13 ٻيا ماڻهو پڻ زخمي ٿيا آهن ۽ هڪ ڪارڪن فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، ڪنٽينر تي سڌي فائرنگ ڪندڙ شخص جهلجي پيو، پوليس ۽ رضاڪارن عمران خان کي فوري طور تي طبي امداد فراهم ڪري شوڪت خانم اسپتال لاهور منتقل ڪيو، جتي سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قيادت ۾ حقيقي آزادي مارچ جو قافلو ستين ڏينهن گوجرانوالا کان جيئن ئي وزيرآباد شهر پهتو ته تحريڪ انصاف طرفان قائم ڪيل آجياڻي واري ڪئمپ وٽ ڪنيٽنر تي خطاب لا بيٺل عمران خان ۽ ٻي پارٽي قيادت تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب گولين جو نشانو بڻجڻ ڪري تحريڪ انصاف جو سربراهه اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، سينيٽر فيصل جاويد، احمد چشتي، چوڌري محمد يوسف ۽ ٻيا اڳواڻ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ شخص فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ معظم نواز جي نالي سان ٿي آهي. لانگ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن ڪنٽينر تي فائرنگ ۽ برسٽ هلائيندڙ شخص کي پڪڙي ورتو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لا کڻي وئي. شروعاتي معلومات مطابق عمران خان کي کاٻي ڄنگهه ۾ 3 گوليون لڳيون، جنهن بعد کيس ڪنٽينر مان بلٽ پروف گاڏي ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، سينيٽر فيصل جاويد کي چهري تي زخم رسيا، جڏهن ته تحريڪ انصاف جا ٻيا به ڪجهه اڳواڻ گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيا آهن. فائرنگ ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ لانگ مارچ ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو لتاڙجي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ توڙي ڪنٽينر کي سيل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيو ويو. پوليس حملو ڪندڙ شخص کي پڻ حراست ۾ ورتو، جنهن پنهنجي وڊيو بيان ۾ عمران خان تي فائرنگ ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. پوليس اختيارين موجب جوابدارن آٽوميٽڪ گن ذريعي ڪنٽينر جي ساڄي پاسي کان فائرنگ ڪئي، گوليون هلائيندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته اهلڪارن ڪنٽينر سميت سڄي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي. پوليس موجب شهر جي الله والا چوڪ تي پي ٽي آءِ جي آجياڻي واري ڪئمپ ڀرسان عمران خان جي مرڪزي ڪنٽينر تي فائرنگ کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪار فوري طور عمران خان وٽ پهچي ويا ۽ کيس گهيري ۾ وٺي بلٽ پروف جيڪٽون سندس سامهون ڪري ڇڏيون. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته عمران خان کي مارڻ لاءِ 6 گوليون فائر ڪيون ويون، جڏهن حملو ٿيو ته مان عمران خان جي ڀرسان بيٺو هئس ته هڪ شخص پسٽل ڪڍي ۽ سامهون کان فائرنگ شروع ڪري ڏني، ذريعن موجب حملي آور پهريان برسٽ هلايو ۽ پوءِ فائرنگ ڪئي، پوءِ هڪ گولي هلائي، حملي آوور کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي، گهرو وزير راڻا ثنا الله ۽ آ جي پنجاب لانگ مارچ تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button