سنڌ

رتوديرو ويجهو ٽريڪٽر ۽ رڪشا ۾ ٽڪر،پيءُ پٽ فوت

رتوديرو ۾ تيز رفتار ٽريڪٽر ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر سبب پيرسن نوجوان پٽ سميت فوت ٿي ويو، 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. رتوديرو باءِ پاس تي لاشاري لاڙي وٽ پٿرن سان ڀريل ٽريڪٽر ۽ چنگچي رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي سوار ٻه ڄڻا 55 ورهين جو محب علي ۽ سندس 28 ورهين جو پٽ سعيد خان جتوئي ٿڏي تي فوت ٿي جڏهن ته 3 ڄڻا فضل محمد بروهي ، بجار ۽ هڪ اڻسڃاتل سخت زخمي ٿي پيا. فوتي پيءُ پٽ ڳوٺ غلام مصطفيٰ جتوئي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. فوتي چنگچي رڪشا تي پنهنجي ڳوٺ کان رتوديرو اچي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا. فوتين ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو جتان زخمين کي سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاڙڪاڻو اماڻيو ويو، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي فوتين جا لاش اباڻي ڳوٺ غلام مصطفى جتوئي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. ٽريڪٽر ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين حد واري ٿاڻي تي واقعي جو ڪو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ۽ نه ئي وري ٽريڪٽر ڊرائيور جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button