سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ 150 ڪلو چرس هٿ،2 منشيات فروش گرفتار

لاڙڪاڻو پوليس بين الصوبائي منشيات فروش گروهه جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري 150 ڪلو چرس ۽ ڪار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. موجب وليد پوليس ڪارروائي ڪري بين الصوبائي منشيات فروش کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 150 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. ان حوالي سان ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران ٻڌايو ته گرفتار منشيات فروشن جي سڃاڻپ علي مدد ولد سليمان شيخ ۽ بابر علي ولد رستم علي شيخ طور ٿي آهي جيڪي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندا آهن، گرفتار جوابدارن کان جاچ جاري آهي جن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button