پاڪستان

ڊڄڻ وارا ناهيون، عمران خان لانگ مارچ جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا ناهيون، لانگ مارچ هر صورت ۾ اسلام آباد پهچندو. ڪنٽينر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل اڳوڻي وزيراعظم عمران خان شوڪت خانم اسپتال لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته اسان ڀڄڻ وارا يا ڪنهن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، پهرين به چيو هو ته آئون ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪندس ۽ هاڻي وري چوان ٿو ته وڌيڪ ڄمي مقابلو ڪندس. عمران خان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته قافلو روان دوان رهندو. ٻئي طرف ذريعن موجب تحريڪ انصاف قيادت پنهنجي سربراهه عمران خان جي هدايت تي اڄ صبح 11 وڳي تائين لانگ مارچ کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button