سنڌ

ميرو خان ويجهو موٽرسائيڪل سوار نوجوان حادثي ۾ فوت

ميرو خان ويجهو عرضي ڀٽو روڊ تي کوسا پل وٽ نامعلوم گاڏي سوار موٽر سائيڪل تي گهر ويندڙ 21 ورهين جي پورهيت نوجوان جمشير پٽ فقير سونو خان گوپانگ کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو، جنهن کي ڪجھه دير بعد ڪار سوار واٽهڙو بيهوشي حالت ۾ گاڏي ۾ کڻي ميروخان اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽر نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد نوجوان جا وارث پهچي ويا. پوليس لاش تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو،گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتي نوجوان جي پيءُ فقير سونو گوپانگ ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته جمشير گوپانگ شهر مان گهر جو سودو سامان وٺي موٽر سائيڪل تي ڳوٺ رحميداد گوپانگ جي وانڍ وڃي رهيو ته رستي ۾ نامعلوم گاڏي سوار ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button