پاڪستان

حملي بابت في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڪارڪن پرامن رهن:شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي فائرنگ واري واقعي بعد پنهنجي ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. جاري ڪيل بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته سڄي قوم ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن کان درخواست ڪريان ٿو ته اهي پرامن رهن، ڪارڪن قانون جي حدن ۽ دائري ۾ رهن، اسان کي صبر ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 6 ڏينهن کان اسان جو لانگ مارچ پرامن نموني هليو رهيو هو، پارٽي چيئرمين عمران خان سان صلاح مشوري بعد لانگ مارچ ۽ ايندڙ لائحه عمل بابت فيصلو ڪنداسين، عمران خان کي سيڪيورٽي جا خدشا هئا پر هو ڪنهن به بلٽ پروف شيشي پٺيان بيهڻ کان انڪاري هو، هن وقت حملي جي مختلف پاسن ۽ تفصيل بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button