پاڪستانسنڌ

شهناز انصاري ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف وارثن جو مظاهرو، ڌرڻو

نوشهروفيروز: ايم پي اي شهناز انصاري جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف وارثن ڊاڪٽر فاطما انصاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران پوليس ۽ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتولا ايم پي اي جي نياڻي ڊاڪٽر فاطما انصاري ڌرڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلي ۾ انصاف جون تقاضائون پوريون ناھن ڪيون ويون، مک جوابدار وقار کي هٿيار رکڻ جي ڪيس مان بري ڪري قتل ڪيس ۾ سزا ڏني وئي آھي، اسان چئون ٿا ته پوءِ جوابدار خون ڇا سان ڪيو؟ ھن وڌيڪ چيو ته مک جوابدار کي 23 اي ڪيس مان بري ڪرڻ جو مقصد کيس اپيل ذريعي آزادي جو رستو ڏيڻ آهي، فيصلي کي 7 نومبر تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اسان جي ماءُ جو خون بيگناھه لوڙھيو پيو وڃي، اسان پنھنجي ماءُ کي خون ۾ رڱيل کنيو ھو، اسان جا زخم اڃا تازا آھن، اسان سان ظلم جي انتھا ڪئي وئي آهي، ماءُ جي خون کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جدوجھد جاري رھندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button