پاڪستانسنڌ

ٺاروشاهه ۾ ڊاڪٽر مسعود جعفري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، ڀيٽا پيش

ٺاروشاھه: گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ ڊاڪٽر مسعود احمد جعفري جي اوچتي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو ضلع جنرل سيڪريٽري عبدالجبار تنيو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ اسڪنٽوا اڳواڻن علي اڪبر راڄپر، افشان پروين لاڙڪ، بخشل خان، فدا حسين ملاح، صديق ملڪ ۽ ٻيا ڪاليج جا ملازم شريڪ ٿيا. جڏهن ته خصوصي دعا مولانا محمد اسلم رند گهري. جڏهن ته تعزيتي ميڙاڪي ۾ مرحوم ڊاڪٽر مسعود احمد جعفري کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر مسعود احمد جعفري هڪ بهترين شخص هو، جنهن هميشه سچ جو ساٿ ڏنو ۽ ملازمن جي حقن لا پاڻ پتوڙيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button