پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ مسئلن جي حل لا شھري ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ريلي

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ شھري ايڪشن ڪميٽي پاران شھر جي بنيادي مسئلن، گندگي، برسات جي پاڻي جي نيڪال، منشيات جي وڪرو، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف اسٽيشن روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي المدينا چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن شبير ساند، مقصود جھتيال، شبير ٻنگ ۽ ٻين چيو ته شھر ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿي رھي آھي پر افسوس اسان جي پوليس ھنن خلاف ڪاروائي نٿي ڪري، جڏھن ته منشيات سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رھيو آھي. هنن چيو ته سڄو شھر گندي پاڻي ۽ گندگي ھيٺ آھي، جڏھن ته سي ايم او عمران گھمرو پـنھنجا پرائٔيويٽ ماڻهو رکي پگھارن جي نالي تي لکين روپين جي ڪرپشن ڪري رھيو آھي. جڏھن ته بلديا عملي جون پگھارون روڪي ڇڏيو آھن، ٻئي پاسي برسات ۽ ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار آھن، وس وارا ھنن جي به مدد نٿا ڪن. ھنن مطالبو ڪيو ته شھر ۾ منشيات بند ڪرائي صفائي سٿرائي جو نظام بھتر ڪيو وڃي ۽ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button