پاڪستانسنڌ

ڄامشوري ۾ ڪالج آف نرسنگ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لا صحت ميلو

ڪوٽڙي/ڄامشورو: ڄامشوري ۾ ڪالج آف نرسنگ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ھيلٿ ميلو لڳايو ويو. بي ايس اين سيشن 2022 جي شاگردن لا لڳايل هيلٿ ميلي ۾ شاگردياڻين پاران مختلف اسٽال لڳايا ويا. شاگردن پاران لڳايل اسٽالز ذريعي سيفٽي، رسڪ ۽ ان کان بچا بابت شاگردياڻين ۽ شاگردن کي معلومات ڏني ويئي. گڏوگڏ ڏندن جي صاف سٿرائي، برش ڪرڻ جي ٽيڪنيڪ ۽ ٻي اھم معلومات سان گڏ ڊائٽ، غذائي کوٽ ۽ عام زندگي جي کاڌي پيتي جي شين متعلق ڄاڻ پڻ ڏني ويئي. ان موقعي تي نرسنگ ڪاليج جي پرنسپل رحمت اللہ وينجھر ۽ ٻين چيو ته ھن قسم جون سرگرميون شاگردن ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. پروگرام ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽي جي امتياز علي ڪوري، فياض علي لنڊ، غلام قادر ميمڻ، عابد علي بڙدي، محسن ابڙو، اظھر حسين، آفتاب جان مينگل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button