پاڪستانسنڌ

مسڻ ۾ روڊ جو ڪم ناقص ٿيڻ لڳو، انتظاميا خاموش

مسڻ وڏي: ٽنڊوالهيار کان ميرواهه روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال سبب روڊ اکڙڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. هڪ ارب 12 ڪروڙ 42 لک رپين جي لاڳت سان منظور ٿيل ميرواهه کان ٻيلھاڙو اسٽاپ تائين 33 ڪلوميٽر روڊ جو ڪم مبينا طور ڪرپشن ۽ ناقص مٽيريل جي ور چڙهي ويو آهي. اونگر جي پڪي ۽ مضبوط روڙي بدران ڪچو اڇو پٿر روڊ جي ڪم ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي، ٺيڪيدار علي احمد بروهي پاران مبينا طور روڊ جي ٻنهي پاسن کان منظور ٿيل ٽي ٽي فوٽ وائيڊنگ ۾ بغير ڪمپيڪشن جي ٽرڪن مان سڌو ڪچي اڇي روڙي وائيڊنگ ۾ لاٿي پئي وڃي ۽ مٿان وري بغير پريس ڪرڻ يعني رولر ھلائڻ جي واري وجھي وائيڊنگ ۾ دفن ڪئي پئي وڃي، سڄي سائيڊ تي ڪٿي به نه ته رولر نظر ٿو اچي ۽ نه ئي وري واٽرنگ لاءِ پاڻي جي ٽانڪي، ايڪسيويٽر مشين اڳيان وائيڊنگ کوٽيندي پئي وڃي، پويان وري ٽرڪن ذريعي ڊائريڪٽ انھي ۾ اڇي ڪچي اڌواڌ مٽيءَ مڪس روڙي لاھي ان مٿان وري ٽريڪٽر ٽرالي جي مدد سان واري لاھي انھي روڙي کي پوريو پيو وڃي. ايڏي وڏي اسڪيم تي ڪڏهن بہ ڪو روڊس کاتي جو سرويئر، ايس ڊي او ۽ انجنيئر نظر نه آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button