
بدين: سنڌ جي عورتن جي ڀلائي ۽ ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير سيده شھلا رضا چيو آھي ته سنڌ ۾ برساتن سبب ٿيندڙ تباھي ۾ وڌ ۾ وڌ عورتن ۽ ٻارن تڪليف برداشت ڪئي آھي، اسان جيستائين عورتن جي مدد ۽ انھن جو احساس نه ڪنداسين، معاشرو ترقي ڪري نه سگھندو. بدين ۾ جيم خانه ھال ۾ ڪوٺايل ورڪشاپ کي خطاب ھن وڌيڪ چيو ته بدين ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ برساتن سبب لکين ماڻھن جا گھر ۽ فصل تباهه ٿيا آھن، انھي تباھي ۾ وڌيڪ عورتون متاثر ٿيون آهن ڇو ته کين گهر جي سار سنڀال سان گڏ ٻارڙن جي به سنڀال ڪرڻي پوندي آهي، تنھن ڪري اسان سڀني جو فرض آهي ته مصيبت ۾ گهيريل عورتن جي سار سنڀال ڪريون ۽ کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي مدد ڪريون. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سانوڻي برسات بعد ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي سروي ڪرڻ بعد بي گھر ٿيل ماڻھن کي اجھو ۽ کاڌو مھيا ڪرڻ سان گڏ فصلن جي پوکڻ لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ پڻ فراھم ڪندي. ورڪشاپ کي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شير محمد نھڙيو، سماجي تنظيم جي اڳواڻن علي حيدر جوڻيجو، اڳواڻ سمون، بهادر ڀرڳڙي پڻ خطاب ڪيو.