سن: سن لڳ کاڻوٺ پوليس ڪارروائي ڪري 4 عورتن سميت 5 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري 16 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي، خبر موجب کاڻوٺ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ رڪشا کي انڊس ها وي تي روڪي تلاشي ورتي. جنهن مان 16 ڪلو چرس هٿ ڪري 5 منشيات فروشن گجر، مارئي کوسو، زرينه کوسو، دادلي کوسو ۽ عاشق کوسو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. ايس ايڇ او کاڻوٺ ديدار حسين جتوئي جو چوڻ ھو ته ڳجھي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 16 ڪلو چرس ھٿ ڪيو آهي ۽ جوابدارن تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن ذريعن موجب هٿ ايندڙ منشيات جي قيمت هڪ ڪروڙ تائين ٻڌائي پئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close