سن: کاڻوٺ ٿاڻي جي حد مان انڊس ھا وي ھلندڙ ٽرڪ مان چور اڍائي لک ماليت جا 46 ڪارٽون گيھه جا لاھي فرار ٿي ويا پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي. جنهن خلاف ڊرائٔيور ۽ ڪلينر احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سمندر بروهي چيو ته ڪراچي کان پنجاب وڃي رھيا ھئاسين ته دائٔيداڻو موڙ وٽ صبح جو 5 وڳي چورن ٽرڪ جي پٺيان سوزوڪي ذريعي اڍائي لک تائٔين ماليت رکندڙ 46 ڪارٽون گيهه جا لاھي فرار ٿي ويا آهن. ھرھڪ ڪارٽون جو وزن ٻارنھن ۽ سورنھن ڪلو جو آهي. هن چيو ته خاڻوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس ڪابه داد ڪرڻ لا تيار ناھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close