اسلام آبادپاڪستان

پنجاب جا وسيلا عمران وٽ آهن،جيئن چاهي جاچ ڪرائي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ باهه، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پنجاب جا سمورا وسيلا عمران خان وٽ آهن، جيئن چاهي ائين جاچ ڪرائي سگهي ٿو. عمران چاهي ٿو ته ايف آ آر قانون موجب نه پر سندس مرضي مطابق داخل ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فارن فنڊيڊ فتني جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي. فارن فنڊيڊ فتني جي انتشار، شدت پسندي ۽ ورڇ تي ٻڌل سياست ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوال ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقعي جي ايف آءِ آر ڇو ناهي داخل ڪئي؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو سرڪاري اسپتال مان رپورٽ نه لکرائي رهيو آهي جيڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو چونڊون نه گهرو ويڙهه چاهي ٿو جنهن جو مظاهرو هر ڏينهن چاهي ٿو. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو پاڪستان جو نالو فيٽف مان نڪرڻ جي خلاف جنگ ڪري رهيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي جنگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي خلاف آهي. هن چيو ته الحمدالله ملڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button