پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو مظاهرو

سرهاڙي: سرهاڙي لڳ کڏهر شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن قلندر بخش مگسي، عبدالغفور ڏاهري، خالد حسين بروهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آبپاشي عملدار منڍ جي زميندارن کان رشوت وٺي اسان جو پاڻي وڪڻي رهيا آھن، کڏهر شاخ کي منڍ کان دڪا ڏئي اسان جو پاڻي بند ڪيو ٿو وڃي. جنهن سبب اسان جون زمينون غيرآباد بڻجي رهيون آھن، پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري سرنهن جو ڪاهيل فصل پڻ سڪي رهيو آھي، ڪڻڪ جي پوکي جو ٽائيم به پاڻي نه هجڻ ڪري ختم ٿي رهيو آھي، جنهن سبب سوين ايڪڙ زمين غيرآباد بڻجي رهي آھي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کڏهر شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي آبادگارن مان بيچيني دور ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

هڪ رايو

  1. سنڌ ايڪسپريس نئين ۽ جديد انداز ۾ سنڌ ايڪسپريس جي پوري ٽيم جس لهي غلام حسين ڀٽي نوان جتوئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button