پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ سانول ڳاهو جو ڊرامو لاپرواهي پيش، ڏسندڙ لڙڪ لاڙي ويٺا

خيیرپور: خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ ناپا نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس ڪراچي پاران ڪرايل ڊراما فيسٽول ۾ ٽئين ڏينھن تي سانول ڳاھو جو لکيل ڊرامو لاپرواھي پيش ڪيو ويو، جنھن کي ڏسڻ لاءِ سون جي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي، ڊرامي جو مھمان خاص سگا جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل منظور حسين اڄڻ ھو. جڏهن ته خاص مھمانن ۾ ساھه شيخ، مظھر حسين ڳاھو، محمد يوسف ڪڙيو ۽ ٻيا ھئا. لاپرواھي ڊرامي جي ڊائريڪشن قاضي سرفراز ڏني. جڏهن ته ڊرامي جي ڪردارن ۾ سنڌ جي ناليوارن اداڪارن نسرين ناز، سيد اڪبر شاهھ، پروفيسر سجاول ڳاھو، محمد عظيم سومرو، گھايل غلام فريد، سمير سانول، پرڪاش ڪمار ۽ ٻين حصو ورتو. ڊرامو ھڪ ماءُ پاران ڪيل لاپرواھي تي مشتمل ھو، جيڪا ماني پچائڻ بعد ماچس ھيٺ رکي ٿي ۽ اھو ماچس ٻارڙن کي ھٿ اچي ٿو ۽ ٻارڙا ماچس مان گھر کي باھه ڏئي ڇڏين ٿا. ڊرامي جي سبق آميز ڪھاڻي سبب شھرين جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. ٻارڙن جي سڙڻ تي ٻارڙن جي پيءُ جو ڪردار ڪندڙ اڪبر شاھه ۽ ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ نسرين ناز جي دانھن ويٺلن کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ننڍڙي ٻارڙي جو ڪردار ڪندڙ 8 سالن جي ايمان سومرو بھترين ڪردار ڪندي ويٺلن کان خوب داد حاصل ڪيو. ڊرامي ۾ سياسي ماڻھن جي ڪردار کي پڻ واکو ڪيو ويو، جيڪي صرف ڦوٽو سيشن تائين محدود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button