
مسڻ وڏي: مسڻ وڏي پوليس پاران سڪندر ڪنڀار کي گرفتار ڪري منشيات جي ڪيس ۾ چالان ڪرڻ خلاف مسڻ وڏي ۾ ڪنڀار اتحاد جي سڏ تي رهواسين معصوم ٻارن سان گڏ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ٽنڊوالهيار پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پوليس جي ناجائزي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪنڀار برادري جي گرفتار نوجوان سڪندر علي ڪنڀار جي والد علي اڪبر ڪنڀار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسڻ ٿاڻي جو ايس ايڇ او تمام بهترين ماڻھو آھي، باقي هيٺون عملو عوام آزار آهي، هيٺيون عملو منشيات فروشن سان ٻٽ بڻيل آهي، جن جي ونگار وهندي سڪندر ڪنڀار جھڙا کوڙ بيگناهھ ماڻهو منشيات جي ڪيس ۾ چالان ڪيا ويا آهن، پر اصل منشيات فروش آزاد آهن، جيڪي سرعام منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن، پر پوليس انهن خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ڪري، رڳو غريب ماڻهن لا پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي، پوليس جي اھڙي ناجائزي خلاف اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين. علي اڪبر ڪنڀار، انور ڪنڀار، منور ڪنڀار ۽ ٻين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته ناجائزي ڪندڙ مسڻ ٿاڻي جي عملي خلاف ڪارروائي ڪري مسڻ ٿاڻي تان بدلي ڪيو وڃي ۽ سڪندر ڪنڀار تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي.