سامارو: سامارو تعلقي جي يوسي 34 جي ديهھ 207 جي ڳوٺ کاروڙو خاصخيلي جي رھواسي متاثر آبادگارن ۽ مالوندن خان خاصخيلي، محرم خاصخيلي، علي بخش خاصخيلي، محمد عمر خاصخيلي، نديم خاصخيلي، گل حسن، صدام خاصخيلي، فياض شيدي، مائوجي ڪولھي، سروڻ ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ کاروڙو جي لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. هنن ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي متاثر آبادگارن ۽ مالوندن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته برساتي تباهڪارين کي ساڍا ٽي مھينا گذري ويا آهن، پر ديهھ 207 جي سوين ايڪڙ زمين اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، جنهن سبب چيٽ جا فصل پوکي نه سگهيا آهيون. ديهھ جي سمورن ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪچا گھر ڊھي ويا ۽ پڪن گھرن ۾ ڏار پئجي ويا، تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا جي سروي ۾ رڳو خاناپوري ڪئي وئي آھي. اسان کي اڄ ڏينھن تائين تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا ڪو رليف ناهي ڏنو، سماجي تنظيمن ايڪٽيڊ چيزوي، سرسو، ٿرديپ ۽ ٻين به نظرانداز ڪيو آهي. اسان جي ديهھ 207 جي زراعت مڪمل تباهه ٿي وئي آهي، آخري گذر سفر جو ذريعو چوپايو مال آهي، اهو به مختلف بيمارين ۽ بکن وگھي مري رھيو آھي، تعلقا وٽرنري ڊاڪٽر ۽ سندن عملو فيلڊن ۾ وڃي چوپائي بيمار مال جو علاج ڪري ميڊيسن ۽ دوائون ڏيڻ لا تيار ناھي، وٽرنري ڊاڪٽر ڪلينڪن ۽ اسٽورن کي ٽائيم ڏين سرڪاري دوائون وڪرو ڪن پيا. 3 ڏينھن اڳ لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ رائز اين جي او طرفان سامارو فوڊ گدام تي چوپائي مال لا سڪو چارو، بهه ۽ گاهه ورهايو ويو، جيڪو سفارشي ماڻهن کي مليو، باقي ڊاڪٽرن ۽ سماجي تنظيم جي عملي وڪرو ڪيو، پر اسان کي نه ڏنو. ھنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته تعلقي، ضلعي انتظاميا توڙي لائيو اسٽاڪ ۽ اين جي اوز خلاف ڪارروائي ڪري ديهھ جي زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي رليف ۽ مالوندن جي بيمار مال جو علاج ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close