پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس شروع، شهري 3 ڏينهن مفت سفر ڪندا

حيدرآباد: سنڌ ۾ ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کانپو سنڌ سرڪار حيدرآباد جي شهرين کي به پيپلز بس سروس جو تحفو ڏئي ڇڏيو. شروعاتي 3 ڏينهن شهري مفت سفر ڪندا. اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدر چوڪ تي پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت جي خاص هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتو پيپلز بس سروس شروع ڪري رهيو آهي، پ پ اها واحد پارٽي آهي، جيڪا هر مشڪل گهڙي ۾ ڪارڪنن کان وٺي اعليٰ قيادت تائين عوام جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص هدايتن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. ٻوڏ دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سميت سمورا صوبائي وزير ۽ ڪارڪن ماڻهن جي خدمت لاءِ موجود رهيا. هن چيو ته حيدرآباد ۽ لطيف آباد کان ڪچرو کڻڻ لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ صفائي جو ڪم شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ تحت اڳئي ڪچرو کڻڻ وارو ڪم جاري آهي. پيپلز بس سروس ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اڳئي موجود آهي ۽ اڄ کان حيدرآباد ۾ پڻ پيپلزبس سروس جي شروع ٿي وئي آهي، ايندڙ مهيني کان سکر ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته وڏي وزير حيدرآباد جي ترقي لاءِ اربين رپيا مختص ڪيا آهن، جنهن سان حيدرآباد جو انفرااسٽرڪچر بهتر ٿي سگهندو، دنيا ۾ پهريون دفعو ٻوڏ کان متاثر ٿيل 20 لک ماڻهن کي سنڌ حڪومت گهر ٺاهي ڏيندي، هارين کي به ڪڻڪ جي پوکي لاءِ في ايڪڙ 5 هزار رپيا فراهم ڪيا ويندا. حڪومتن جو ڪم عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيپلز بس سروس جو معمولي ڀاڙو 20 کان 50 رپيا تائين رکيو ويو آهي، پر شروع جا 3 ڏينهن پيپلز بس سروس ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن کان ڪو به ڀاڙو وصول نه ڪيو ويندو. هن عوام تي زور ڀريو ته هو انهن بسن کي پنهنجون بسون سمجهي حفاظت ڪن، ڇاڪاڻ ته اها بس سروس سندن ئي ٽئڪسن مان فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پ پ جي سنڌ حڪومت طرفان حيدرآباد جي عوام لاءِ پيپلز بس سروس هڪ تحفو آهي ۽ تمام جلد حيدرآباد کانپو ميرپورخاص ۽ ٻين روٽن تي به اها سروس شروع ڪئي ويندي. تقريب ۾ پ پ ضلعي حيدرآباد جو صدر صغير قريشي، پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، ايم اين اي طارق حسين شاهه، ايم پي اي حنا دستگير، پ پ يوسي 66 جو صدر پاشا قاضي، اطلاعات سيڪريٽري حيدرآباد ڊويزن احسان ابڙو، ڊويزنل ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ، ڊي سي فواد غفار سومرو، ايم ڊي ماس ٽرانزٽ ڪئپٽن الطاف حسين ساريو، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button