پاڪستانسنڌ

عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ جي نيوٽرل هجڻ تي تڪليف آهي:شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گهڙي چور هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي آهي، اسان سمجهندا هئاسين ته هڪ گهڙي چوري ڪئي وئي آهي، گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ خبر پئي ته 3 گهڙيون وڪرو ڪيون ويون هيون. هن چيو ته هي گهڙي چور ايترو ته ڪوڙو ۽ مڪار شخص آهي، جڏهن وزير آباد ۾ حملو ٿيو يا ڪرايو ويو ته ان وقت سندس ڊاڪٽر ٻڌايو ته عمران نيازي کي هڪ گولي لڳي آهي، پوءِ ڪجهه تڪراري بيانن بعد پاڻ ٽي وي چينل تي اچي ٻڌايو ته کيس چار گوليون لڳيون آهن، چار گوليون کائڻ وارو سپر مين 150 ڪلوميٽر جي فاصلي ۾ سمورين اسپتالن کي ڇڏي لاهور جي ڪينسر اسپتال ۾ پنهنجو علاج ڪرائڻ پهتو. حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته هن وقت عمران خان ۽ سندس ٽيم سوشل ميڊيا تي حڪومت ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، هن شخص کي اها به خبر نه آهي ته پاڪستان جي باشعور عوام کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، عمران نيازي پهرين پاڻ زبردستي اسٽيبلشمينٽ ذريعي اقتدار ۾ آيو ۽ هاڻي جڏهن اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي ته ان کي تڪليف آهي. عمران نيازي پوري قوم کي چيو آهي ته ان کي امريڪا جي سازش ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو ۽ قوم ۾ آمريڪا لاءِ مفني پروپيگنڊا پيدا ڪئي ۽ بعد ۾ يوٽرن ورتو ته آمريڪا سان اسان جو ڪو به مسئلو ناهي. عمران نيازي جي رڳ رڳ ۾ ڪوڙ آهي، هي نوجوان نسل لاءِ ڪينسر ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت سان سنڌ سميت چئني صوبن ۽ سڄي پاڪستان ۾ حڪومت ٺاهيندي. مڪاني چونڊن ۾ پ پ حيدرآباد شهر مان 50 سيڪڙو سيٽن تي بنامقابلي چونڊجندي ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ حيدرآباد جو ميئر به پ پ جو جيالو ٿيندو، جهڙي طرح مڪاني چونڊن جي 50 سيڪڙو سيٽن تي مخالفن کي اميدوار نه مليو، ايندڙ عام چونڊن ۾ به کين اميداور نه ملندو. ان موقعي تي خاص معاون صغير قريشي، پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، ايم اين اي طارق حسين شاهه، ايم پي اي حنا دستگير، يوسي 66 جو صدر قاضي پاشا ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button