پاڪستانسنڌ

الطاف جسڪاڻي سنڌين کي نئين سوچ ڏني، قاتل گرفتار ڪيا وڃن:قادر مگسي

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ٻي ورسي نصرپور روڊ ايس ٽي پي هائوس آڏو ملهائي وئي، جنهن ۾ ايس ٽي پي سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ حيدر شاهاڻي سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته آئون شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ٻي ورسي تي کيس سرخ سلام پيش ڪريان ٿو، سندس روح اسان جي وچ ۾ هر شئي کي ڏسي رهيو هوندو، هن کي سنڌ وساريو ناهي، الطاف جسڪاڻي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌي ماڻهن جي بحث جو حصو بڻيل آهي، هو ڀرپور جواني ۾ سنڌ مان الوداع نه ڪري ها، هن کي انقلاب آڻڻو هو، پر هر انسان کي هي دنيا ڇڏڻي آهي، اسان سرڪار کي چئون ٿا ته هو الطاف جا قاتل گرفتار ڪري، توهان ڏٺو ته هڪ قاتل قبر ۾ آهي ۽ ٻيا جيل ۾ آهن، جيڪڏهن الطاف شهيد جي پلاند لا سئو ماڻهو مارجن ته به گهٽ آهن، هن چيو ته الطاف سنڌ جي ماڻهن کي نئين سوچ ڏني، هن سنڌ ۾ غلامي جو خاتمو ڪرڻ چاهيو ٿي، انهي تحت هاڻ سنڌ ۾ غلامي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، جاگيرداري نظام، دهشتگردي ۽ ڌارين جي غلامي کان سنڌ کي آزاد ڪرڻو آهي، ان لا اسان نالو رکيو آهي اچو ته سنڌ سنواريون جاگيرداري مرده باد انقلاب زنده باد جو نعرو هنيو آهي، جيستائين سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي نظام هوندو، سنڌ ۾ خوشحالي بدران عذاب هوندو. ڪالهه سنڌ ۾ ٻوڏ آئي، چار کان پنج هزار ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا، پر حڪمران امداد هڙپ ڪرڻ ۾ پورا هئا. تازو ڪٽ واري واقعي ۾ 22 ماڻهو فوت ٿي ويا، اهڙي نااهلي آهي جو ڪٽ واري جا تي ڳاڙهي پٽي لڳائين ته پاسو ڪريو، پر ائين نه ٿيو، سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي اسپتالون ۽ ٻيون سهولتون نه ڏيندي. هن وڌيڪ چيو ته پردي دار عورتون روڊن تي پناهه لا اچي وڃن ٿيون. دادو، جوهي ۽ ٻين علائقن ۾ ٻارن جا لاش ۽ جوان پٽن جا لاش پاڻي ۾ لڙهي رهيا هئا، اهڙي حڪومت کي توهان ووٽ ڏئي رهيا آهيو، جيڪي جنرل ضيا جا دوست هئا، اڄ اهي ڪهڙي پارٽي ۾ ويٺا آهن، اسان نئين سنڌ ٺاهڻ چاهيون ٿا، جنهن جو آغاز ٿي ويو آهي. هن چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي شهيد ٿيو، هاڻ سندس ڀائرن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، ڀولو جي قتل جي ايف آئي آر ٽن ڀائرن تي داخل ڪئي وئي، ڇا ٽي ڄڻا قتل ڪري سگهن ٿا، اسد جسڪاڻي جيل ۾ آهي، جنهن تي فخر آهي، پر قتل جو ڪيس ماڊل ڪورٽ ۾ هلائي مخالفن کي خوش ڪرڻ چاهين ٿا، اسان ڪنهن به بدمعاش کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين، ائين ڪيو ويو ته ان جو ازالو ڏکيو ٿيندو. ورسي کي حيدر شاهاڻي، نثار ڪيريو، ذيشان جسڪاڻي خطاب ڪندي چيو ته الطاف جسڪاڻي اسان کان وڇڙيو ضرور آهي، پر وسريو نه آهي، سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳ ۾ آهي. تقريب ۾ عوامي شاعر خليل کوسو الطاف جسڪاڻي جي زندگي تي شاعري پڙهي. ورسي ۾ حيدر ملاح، ويجهار جسڪاڻي، مير محمد پتافي ۽ افضل جسڪاڻي سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button