آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا الوداعي دورن جي سلسلي ۾ سي ايم ايڇ راولپنڊي ۽ آرمي ميڊيڪل ڪور پهچي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي ميڊيڪل ڪور جو دورو ڪيو، جنهن دوران آرمي سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به ساڻس گڏ هئي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) راولپنڊي جو به دورو ڪيو، جتي ڪمانڊنٽ سي ايم ايڇ ميجر جنرل محمد محسن قريشي کيس جديد طبي سهولتن بابت بريفنگ ڏني، سي ايم ايڇ پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا آرمي چيف جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل باجوا کي بريفنگ ڏني وئي ته سار سنڀال جي رٿابندي عالمي طريقين موجب ڪئي وئي آهي ۽ مريضن جي سار سنڀال اسپتال انتظاميا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. ترجمان موجب بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سويلين ۽ غير مستحق مريضن جي سهولت لاءِ خاص ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا آهن، مريضن کي دوستاڻو ماحول ۽ اٽينڊنٽ لاءِ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي اڪيڊمڪ سينٽر ۾ لائيو سرجري واري عمل ذريعي ڊاڪٽرن کي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ نئون قائم ڪيل ڪنٽرول روم به ڏيکاريو ويو، آرمي چيف هٿياربند فوج جي ميمبرن، سندن گهرڀاتين ۽ سويلين مريضن کي معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي ميڊيڪل ڪور جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. آ ايس پي آر مطابق جنرل قمر جاويد باجوا نئين تعمير ٿيل آرمي گيسٽ رومز، آرمي هيلٿ سينٽر ۽ آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جي اپ گريڊ ٿيل سهولتن جو به دورو ڪيو، سندس چوڻ هو ته فوجين ۽ سندن خاندانن لاءِ معياري صحت جون سهولتون فوج جي فلاحي نظام جي بنيادي خاصيت آهي ۽ فوجين جي مورال لاءِ اهم آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close