پاڪستانپنجاب

حملي جي ايف آئي آر ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو؟جي آئي ٽي جا پوليس کان 4 سوال

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي وزيرآباد ۾ فائرنگ جي معاملي تي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم کي ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي، خانگي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته جي آئي ٽي سي ٽي ڊي چوهنگ ۾ جوابدار نويد، وقاص ۽ ساجد کان 5 ڀيرا جاچ ڪئي جڏهن ته جي آئي ٽي ٽيم گذريل هفتي ۽ گذريل رات به ڪميشن جي سربراهه غلام محمود ڊوگر سميت 4 آفيسر سي ٽي ڊي هيڊڪوارٽر ويا. آر پي او ڊي جي خان سيد خرم علي شاهه ڊي جي خان ۾ هئڻ سبب ٽيم سان گڏ نه وڃي سگهيا هئا جڏهن ته هڪ ميمبر احسان الله چوهانگ ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿيڻ سبب ٽيم سان گڏ نه هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آئي ٽي جوابدار نويد، وقاص ۽ ساجد کان مختلف سوال ڪيا جنهن ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم کي ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي. آئي جي پنجاب جي فيڪٽ فائڊنگ ڪميٽي ڪنٽينر ويجهو 82 آفيسرن ۽ اهلڪارن جا بيان قلمبند ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ ايليٽ فورس، پنجاب ڪانسٽيبلري ۽ مختلف ضلعن جا آفيسر ۽ اهلڪار شامل هئا. ٻئي پاسي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ڊي پي او گجرات کان چئن اهم سوالن جو لکت جواب گهريو آهي، جنهن ۾ عمران خان حملي ڪيس جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو؟ جوابدار گرفتار ٿيڻ کان ترت پوءِ ٿاڻي مان وڊيو بيان ڪيئن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي جاري ڪيو ويو؟ جوابدار کي 10 ڏينهن تائين ڪٿي رهايو ويو ۽ ڪنهن ڪنهن اداري نويد کان جاچ ڪئي؟ اسان کي پتو پيو آهي ته جوابدار نويد جو بيان اوهان جي چوڻ تي جاري ڪيو ويو، اهو سچ آهي يا ڪوڙ؟ لکت ۾ ٻڌايو. ڊي پي او گجرات سيد غضنفر شاهه جي آئي ٽي کي اڃا تائين ڪو لکت جواب نه ڏنو آهي، جڏهن ته عدالت ذميوار جو تعين ڪري عدالت ۾ جواب جمع ڪرڻ جو حڪم چئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button