پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ مهيني اندر 234 گاڏيون ۽ 4500 موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري

ڪراچي: ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم سان گڏ گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي چوري ۽ کسڻ جا ڏوهه وڌي ويا آهن، آڪٽوبر ۾ شهر جي مختلف علائقن مان شهري ڪل 234 گاڏيون ۽ 4500 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون وڃائي ويٺا آهن، ان دوران اسٽريٽ ڪرائيم ۾ شهرين کان 2262 موبائيل فون کسيا ويا.

ڪراچي پوليس چيف شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿو، ڪراچي پوليس پاران ڪارڪردگي جي حوالي سان جوابدارن جي گرفتارين ۽ انهن کان شيون هٿ ڪرڻ بابت روزانو جي بنياد تي انگ اکر جاري ڪيا وڃن ٿا پر ان جي باوجود شهر ۾ گاڏين، موٽر سائيڪلن ۽ موبائيل فونز جي ڦر جو سلسلو جاري آهي، سي پي ايل سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق آڪٽوبر ۾ شهر جي مختلف علائقن مان 234 شهري گاڏين کان محروم ٿيا، جنهن ۾ 17 گاڏيون ڦر ڪيون ويون، جڏهن ته 217 گاڏين کي چوري ڪيو ويو.

اهڙِ طرح گذريل مهيني وچولي طبقي جي سواري موٽرسائيڪلن جي چوري ۽ ڦر ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ان دوران شهر جي مختلف علائقن مان شهرين کان ڪل 4 هزار 505 موٽرسائيڪلون کسيون ويون، جنهن ۾ 409 موٽر سائيڪلون رستن تان کسيو ويون. جڏهن ته 4 هزار 96 موٽرسائيڪون چوري ڪيون ويون گذريل مهيني شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم دوران شهرين کان 2 هزار 262 موبائيل فون به کسيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button