پاڪستانسنڌ

ڀارتي مهاڻن جي مارجڻ جا الزام بي بنياد آهن: پاڪستان ميري ٽائيم

ڪراچي: پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ڀارتي ماهيگيرن جي معاملي تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته 5 نومبر جي شام پي ايم ايس اي جو جهاز معمول جي گشت تي هو ته پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني شڪار تي ڪجهه ڀارتي ماهيگير ٻيڙي جو مشاهدو ڪيو، پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي پاران وارننگ کان پوءِ حدن مان نڪري وڃڻ جي هدايتن تي عمل نه ڪرڻ تي پدمني ڪوپا نالي هڪ ٻيڙي کي پڪڙي ورتو.

جنهن ۾ 7 ماهيگير سوار هئا ماهيگيرن جي سڃاڻپ ڀوپت بابو، (ناخدا)، سنجي شيدوا، ڪشور مشيا، نريندر بوجاڊ، اجي ووڊو، سنتوش ۽ رامو بوجاد طور ٿي آهي کين وڌيڪ جاچ لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب دوائن تي ترجمان چيو ته پڪڙيل ڪشتي جي دستاويزن ۾ اهڙو ڪوئي نالو نه آهي.

جيڪا پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي پي ايم ايس اي ترجمان چيو ته پرڏيهي ميڊيا جل پري (نالي ڪشتي) عملي کي تحويل ۾ وٺڻ جو واويلا ڪيو هو جيڪو سراسر بي بنياد آهي، قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي بنا خطري وارا ذريعا اختيار ڪري ٿي ماهيگيرن سان ورتاءُ ۾ انساني همدردي جو عنصر هميشه ذهن ۾ رکيو وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button