پاڪستانسنڌ

بختاور ڀٽو، پٽ مير حاڪم جو سوشل اڪائونٽ ٺاهي ورتو

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظِر ڀٽو جي ڌيءَ بختاور ڀٽو جي پٽ به سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو، بختاور ڀٽو فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي پٽ مير حاڪم محمود چوڌري جو آفيشل اڪائونٽ ٺاهي ورتو آهي.

انسٽاگرام تي بختاور ڀٽو جي پٽ جو اڪائونٽ 4 ڏينهن اڳ ئي ٺاهيو ويو، جنهن تي اڃا تائين 3 تصويرون پوسٽ ڪيون ويون آهن ان کان سواءِ بختاور ڀٽو جي پٽ کي هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ صارفن فالو ڪري ورتو.

مير حاڪم محمود چوڌري جي انسٽا گرام پروفائيل ۾ ٻڌايو ويو ته سندس ماءُ بختاور ڀٽو آهي، والد محمود چوڌري آهي، مامو بلاول ڀٽو ۽ ماسي آصفه ڀٽو آهي ان سان گڏ ئي انسٽاگرام پروفائيل ۾ مير حاڪم محمود چوڌري جي جنم تاريخ به درج آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button