پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ نجي اسڪول ۾ ڳجهين ڪئميرائن بابت رپورٽ تعليم وزارت حوالي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي سفوران ڳوٺ اسڪيم 33 جي هڪ خانگي اسڪول ۾ ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين جي استعمال هيٺ واش رومز ۾ لڳل ڳجهين ڪئميرائن جي معاملي تي تعليم کاتي جي ويجيلنس ٽيم سنڌ جي تعليم واري وزارت کي مڪمل تفصيل فراهم ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب تعليم کاتي جي ويجيلنس ٽيم تعليم واري وزارت کي ڏنل رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ڪئميرا مڪمل طور تي ڳجها هئا ٻه ڀيرا چيڪ ڪرڻ تي هٿ نه اچي سگهيا، ٽيون ڀيرو جائزو وٺڻ تي بورڊز اندران ڪئميرا هٿ آيا. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته دوري ۾ گڏ موجود وائيس پرنسپال ڳجهين ڪئميرائن بابت ترديد ڪئي هئي. عورت وائيس پرنسپل جي سامهون بورڊ ٽوڙي ڪئميرا هٿ ڪيا ويا.

تعليم واري وزارت کي ڏنل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماسترياڻين به ڳجهين ڪئميرائن بابت بيخبري جو اظهار ڪيو آهي، واضح رهي ته اسڪول انتطاميه ڪئميرائن جي موجودگي بابت پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسڪول ۾ ڪائي شئي ڳجهي نه آهي، سڀ ڪجهه رڪارڊ تي آهي، ڪئميرا ٽوائلسٽ ۾ نه واش بيسن واري ايريا ۾ لڳل هئا. انتظاميه وڌيڪ چيو ته ٻار ماسترياڻيون ۽ سمورو اسٽاف واش بيسن جي ويجهو لڳل ڪئميرائن کان باخبر آهي، اسڪول انتطاميه مطابق ڪئميرا اڄ کان نه گذريل 15 سالن کان لڳل آهن، جنهن جو مقصد بهتر مانيٽرنگ آهي، انتظاميه چيو ته ڪئميرائن بابت ٻڌائيندڙ ماسترياڻي کي اسڪول عملدارن ٻارڙن کي گهر ٽيوشن لاءِ گهرائڻ تي ڇنڊ پٽي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button