پاڪستان

سپريم ڪورٽ جا جج ٻڌائين ته ڇا آرٽيڪل 14 رڳو طاقتور ماڻهن جي تحفظ لا آهي؟ عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ عام عوام لاءِ انساني شرف جهڙي بنيادي حق کي به تحفظ حاصل نه آهي، ڇا دستور جو آرٽيڪل 14 امتيازي طور تي رڳو اعليٰ ۽ طاقتور رياستي عملدارن لاءِ ئي لاڳو جوڳو رهندو؟ هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري تي ردعمل ڏنو آهي. عمران خان چيو ته دستور جو آرٽيڪل 14 انساني شرف کي حرمت جوڳو قرار ڏي ٿو، جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جي معزز ججن کان منهنجو سوال آهي ته ڇا دستور جو هي آرٽيڪل رڳو رياست جي طاقتور عملدارن تائين محدود آهي ڇو ته باقي سڀني لاءِ ته انساني شرف جهڙي بنيادي حق کي تحفظ حاصل نه آهي؟ هن چيو ته سينيٽر اعظم سواتي کي ننگو ڪيو ويو مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ سندس زال ڏانهن هڪ غيرقانوني ۽ نازيبا وڊيو اماڻي ان جي تذليل ڪئي وئي، ڪيترائي هفتا هو سپريم ڪورٽ کان انصاف حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ رهيو پر سندس ڪوششون بيڪار ثابت ٿيون. عمران خان چيو ته پنهنجي معزز ججز کان ٻيهر مان سوال ڪريان ٿو ته هن سڄي معاملي ۾ انصاف ڪٿي آهي؟ اعظم سواتي مايوسي وچان زيادتين تي ردعمل ظاهر ڪري ٿو ته کيس جيل ڀيڙو ڪيو وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button