پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ مهراڻ شگر ملز انتظاميا خلاف رهواسين جو مظاهرو

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ مهراڻ شگر ملز جي پيڙهائي شروع ڪرڻ دوران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ سن ڪوٽا تحت ڀرتي نه ڪرڻ خلاف شهر جي ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مهراڻ شگر ملز سامهون سماجي اڳواڻ بادشاهه خان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. رهواسين چيو ته ٽنڊوالهيار ملز انتظاميا مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻاهران ماڻھن کي روزگار ڏئي رهي آهي، اها مقامي ماڻھن سان ناانصافي آهي. مهراڻ شگر ملز جي فوتي ملازمن جي اولاد کي روزگار نٿو ڏنو وڃي. هنن الزام هڻندي چيو ته روزگار گهرندڙ نوجوانن کي ملز انتظاميا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هنن چتا ڏنو ته روزگار نه مليو ته پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪنداسين. ٻئي طرف ملز انتظاميا جي عملدارن پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button