مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پنهنجي هٿن سان ئي پنهنجي سياست دفن ڪري ڇڏي آهي، جڏهن توهان ڪجهه آفيسرن سان گڏجي نواز شريف خلاف سازش ڪئي، عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو، تڏهن توهان کي قائداعظم جو فرمان ياد نه آيو؟ ٽوئيٽر تي عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته هي غير آئيني مداخلت ۽ خيرات گهرن ٿا، پر جڏهن ان کان انڪار ڪيو وڃي ٿو ته کين غدار قرار ڏين ٿا. هن تحريڪ انصاف سربراهه کان سوال پڇيو ته ڇا اوهان جي يادداشت 2018ع تائين نٿي وڃي؟ جڏهن اوهان ڪجهه آفيسرن سان گڏجي نوازشريف خلاف سازش ڪئي، عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو، انهن آفيسرن کي تڪراري بڻايو ۽ سندن مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو؟ ان وقت توهان کي قائداعظم جو هي فرمان ياد ڇو نه آيو؟ عمران خان جي سياست سندس هٿن، اکين ۽ ڪنن جي موڪلائڻ سان دفن ٿي چڪي آهي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي يادداشت محدود آهي پر ماڻهن جي نه آهي، اوهان اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه عنصرن سان ڳٺ جوڙ ڪريو ٿا، اهي اوهان کي پالين ٿا ۽ اوهان کي کارائين ٿا، هاڻي اوهان انهن کان غير آئيني مداخلت جي خيرات گهرو ٿا ۽ جڏهن ان کان انڪار ڪيو وڃي ٿو ته اوهان کين غدار ڪوٺيو ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close