اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف سٺو سلوڪ نه پيو ڪري، عوام تي لامحدود بار نه وجهنداسين:اسحاق ڊار

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آ ايم ايف پاڪستان سان سٺو سلوڪ نه پيو ڪري، ٻن هفتن جي اندر هڪ دوست ملڪ کان 3 ارب ڊالر ملي ويندا. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته آ ايم ايف هن وقت پاڪستان سان ايبنارمل ٽريٽمينٽ (ناقابل قبول سلوڪ) ڪري رهيو آهي پر هينئر پنهنجي جذبن جو اظهار ۽ ردعمل ظاهر ڪرڻ ملڪ جي مفاد ۾ نه هوندو، جيڪڏهن پاڪستان کي آ ايم ايف کان 500 ملين ڊالرن واري قسط نه ملي ته پو اسان متبادل پلان به سوچي ورتو آهي، مون کي خبر آهي ته آ ايم ايف سان پلان کي ڪهڙي نموني مڪمل ڪيو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي ٻن هفتن اندر هڪ دوست ملڪ کان پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ملي ويندا، آئون ان ملڪ جو نالو نٿو وٺڻ چاهيان پر اها ڳالهه لڳ ڀڳ طئي آهي، پئسا ملڻ بعد ملڪ جي مٽاسٽا واري ناڻي جي حالت بهتر ٿي ويندي، آئون اڳوڻي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل کي جواب نٿو ڏيڻ چاهيان، ڇو ته ڳالهيون ڪرڻ آسان هوندو آهي، مفتاح کان رڳو اهو پڇيو وڃي ته هو ڪهڙو انتظام ڪري ويو آهي، اسان عوام تي لامحدود بار نٿا وجهڻ چاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button