پاڪستانسنڌ

شرجيل ميمڻ جون وقار مهدي کي بنامقابلي سينيٽر چونڊجڻ تي مبارڪون

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وقار مهدي کي بنامقابلي سينيٽر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، جنھن پنهنجي اميدوارن کي سينيٽ جي چونڊ ۾ هٿ کڻايو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هي صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي جو تسلسل آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي کي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل آهي، وقار مهدي آسانيءَ سان ڪاميابي ماڻي وڃي ها پر پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جو ويزن آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ پنھنجي هڪ ٻئي سياسي ڪارڪن کي اعليٰ ايوان تائين پھچايو آهي، جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پورهيتن، مزدورن ۽ ڪارڪنن جي پارٽي آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button