پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل، متاثرن جو احتجاج

راڌڻ: خيرپور ناٿن شاھه جي يوسي ڪنڊي چکي، ڳوٺ ستار ڏنو ڏيپر، ڳوٺ لڌاڻ سميت ٻيا ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي جي گھيري ھيٺ آيل آهن. اين جي اوز ۽ انتظاميا طرفان نه اچڻ سبب ڳوٺاڻا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڳوٺن ۽ ڀرپاسي ۾ پاڻي ھجڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ ڳوٺاڻا بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، نه دوا نه درمل نه ڪا ميڊيڪل ڪئمپ قائم ٿي سگهي آهي. ڳوٺاڻن جي زمينن ۾ سارين جا فصل ته تباهه ٿي ويا پر اڃا ٽن مھينن کان پاڻي بيھڻ ڪري ڪڻڪ جا فصل نه ٿيڻ سبب ماڻھو تنگدستي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ غربت، بي روزگاري سبب بدامني وڌڻ جو انديشو پڻ آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ته اسان جا پ پ جا چونڊيل نمائئندا ته ٽن مھينن کان غائٔب آهن پر نه حڪومت نه ضلعي انتظاميا نه ڪا اين جي اوز واھر ڪرڻ لا پھتي آهي، اسان جا ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ آهن. ھنن چيو ته فوري طور تي علاج خاطر طبي امدادي ڪيمپون قائٔم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button