پاڪستان

پنجاب ۾ جوڙ ٽوڙ، آصف زرداري جو چوڌري شجاعت سان رابطو،نئون سيٽ اپ ٺاهڻ جي تجويز

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين کي پنجاب ۾ صلاح مشوري سان نئون سيٽ اپ ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، ٽيليفون تي ٿيل رابطي ۾ آصف زرداري تجويز ڏني ته جيڪڏهن پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي کي نه ٽوڙي ۽ نئين سيٽ اپ ۾ وڏو وزير نامزد ڪرڻ جو اختيار چوڌري شجاعت کي ڏينداسين، آصف زرداري سينيئر سياست چوڌري شجاعت کي چيو ته توهان پرويز الاهي کي ان حوالي سان سمجهايو ته صوبائي اسيمبلي تحليل نه ڪري، آئون يقين ڏياريان ٿو ته نئين سيٽ اپ ۾ وڏو وزير توهان جو ئي نامزد ڪيل هوندو. ذريعن موجب چوڌري شجاعت آصف زرداري کي پرويز الاهي سان ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ٻئي طرف آصف زرداري ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي پڻ سامهون اچي وئي آهي. آصف زرداري چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران اڳوڻي صدر تجويز ڏني ته پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي اسيمبلي ٽوڙڻ نه گهرجي، صلاح مشوري سان نئون سيٽ اپ جوڙي سگهجي ٿو. ذريعن موجب آصف زرداري ملاقات دوران چوڌري شجاعت کي خاطري ڪرائي ته نئين سيٽ اپ ۾ حمزا شهباز وڏو وزير نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button