پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ جهول جي رهواسين جو ٻارڙي جو لاش کڻي مظاهرو

سانگھڙ: جھول شهر ڀرسان ڳوٺ جمعو خان ٽالپر ۾ ڀيل برادري جي مردن ۽ عورتن معصوم ٻارڙي جو لاش کڻي پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي موليو ڀيل، امتياز علي ڪيريو، محمد عالم لاکو، اميان ڀيل، داڦو ڀيل، تماچي ۽ ٻين چيو ته اسان جو ڀيل ڌر جي ماڻهن سان معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، جنهن سبب 9 ڀاتي ڪھاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، جتان زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي ڳورهاري عورت پريمي ڀيل جو آپريشن ٿيو ته ٻار مئل ڄائو، عورت جي حالت به ڳڻتي جوڳي آهي، اسان لاش کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جھول پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button