پاڪستانسنڌ

ڊي سي لاڙڪاڻو ڳڙهي خدابخش پهتو، ورسي انتظامن جو جائزو

لاڙڪاڻو: 27 ڊسمبر 2022ع تي ٿيندڙ شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي تيارين جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ورسي جي ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ۽ مختلف حصن جو دورو ڪري عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته هو ورسي جي موقعي تي بهتر کان بهتر انتظام ڪن ۽ ڪا به شڪايت نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 27 ڊسمبر تي جلسي عام منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ اعليٰ قيادت شرڪت ڪندي. هن چيو ته 27 ڊسمبر تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ايندا آهن، جنهن لاءِ هن پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل عملدارن کي هدايت ڪئي ته صفائي سٿرائي، لائيٽنگ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ٽريفڪ جي انتظام لاءِ پڻ جوڳا بندوبست ڪيا وڃن ته جيئن واپسي دوران ڪنهن به پريشاني کان بچي سگهجي ۽ عوام کي ڪا به تڪليف نه اچي. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته مزار اندر توڙي ٻاهر ميڊيڪل ڪيمپس دوائون، ڊاڪٽرن ۽ ايمبولينس جي موجودگي کي يقيني بنائڻ ته جيئن ضرورت وقت ڪم اچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button