پاڪستانسنڌ

آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ ثقافتي تقريب، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر يوسف علي شاهه، وي سي پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا کهاوڙ، اعزازي مهمان فوڪل پرسن ڊاڪٽر صدام حسين رند، آرگنائيزر شاگردن ڊاڪٽر طلحه سرڪي، ڊاڪٽر منصور کوسو ۽ ڊاڪٽر صدام سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاگردن سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريرون ڪري سنڌي لوڪ گيتن تي رقص ڪري مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف راندين، ڪتابن ۽ ثقافتي شين جا اسٽال لڳايا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپال ڊاڪٽر يوسف علي شاهه، وي سي پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا کهڙو ۽ ٻين چيو ته زندهه قومون پنهنجي ثقافتي ڏهاڙي کي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آهن، اسان خوشنصيب آهيون جو اسان جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، جنهن جو مثال موهن جو دڙو آهي، جتان جا ماڻهو پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سان پيار ڪندڙ هئا ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ مهمان نوازي ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته سنڌي ماڻهو ازل کان وٺي مهمان نواز ۽ پنهنجي ڌرتي سان پيار ڪندڙ آهن. شاگردن چيو ته ڪاليج انتظاميا ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ اسان مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button