پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻو لڳ معصوم نينگري چنگچي مان ڪري فوت

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ڀرسان لاڙڪاڻو-خيرپور پل تي ماهوٽا واسي 5 سالن جي نينگري تبسم ڌيءَ عبدالحميد جتوئي تيز رفتار چنگچي تان ڪري سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي فوتي نينگري جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا وارث ڪچي واري علائقي ۾ پنهنجي مائٽن ڏانهن ويل هئا، جتان واپسي تي لاڙڪاڻو-خيرپور پل روڊ تي هلندڙ چنگچي مان ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ورهين جي نينگري تبسم جتوئي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي پاسي ضروري ڪارروائي بعد فوتي نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button