پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف جسم جي بک هڙتال

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن شاهه لطيف گيٽ آڏو مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، جنهن ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي باغي حبيب ڪالرو ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ضلعي جي اسپتال آهي، جنهن ۾ مريضن لا ڪابه سهولت ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنڊو ٿو لڳي ته ان کي به حيدرآباد ريفر ڪيو ٿو وڃي، ڪروڙن جي بجيٽ هجڻ باوجود سول اسپتال ۾ ٻه نمبر دوائون ڏنيون ٿيون وڃن، اسپتال ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪري مريضن کي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button