پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻو اسپتال ۾ عورت جو ٻار پيٽ ۾ فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي الزام

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران مبينا طور 2 ڏينهن اڳ ڊليوري لاءِ داخل ڪرايل ٺل جي ڳوٺ مبارڪ پور واسڻ عورت الهه بچائي زال ارباب علي مهر کي بيماري جو جواز ڄاڻائي آپريشن کان انڪار ڪندي کيس چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو جتي ڳورهاري عورت جي پيٽ ۾ ٻار فوت ٿيڻ جي تصديق کانپوءِ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي. ان حوالي سان عورت جي وارثن ٻڌايو ته اسان 2 ڏينهن اڳ الهبچائي کي شيخ زيد وومين اسپتال ڊليوري لاءِ داخل ڪرايو هو، ڊاڪٽرياڻين هيپاٽائيٽس جو جواز ڄاڻائي آپريشن نه ڪيو، جنهن ڪري پيٽ ۾ ٻارڙي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اسان جي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جنهن جا ذميوار شيخ زيد وومين اسپتال وارا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جلد عورت جو آپريشن ڪري سندس زندگي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button