پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ناٺي جو سهري تي تشدد، مٿو ڪوڙي مبينا تذليل

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ همراهه تي سندن ناٺي مبينا تشدد ڪري اڌ ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار ڪوڙي ڇڏيا، سس جا به وار ڪوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي جوابدارن عورت تي تشدد ڪيو. پوليس متاثر زال مڙس جي مدد نه ڪئي. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص جي غريب آباد واري علائقي ۾ رھندڙ محمد ابراھيم نوھڙي پنھنجي گھر واري فاطمه سان گڏ پريس ڪلب پھچي دانھون ڪيون. هنن الزام ھنيو تھ سندس ناٺي علي رضا نوھڙي جي چال چلت ٺيڪ نھ ھئي، جيڪو گھر اندر خراب ڪم ڪندو ھو، جنھن جا ثبوت ھٿ ڪري اسان کيس روڪيو. محمد ابراھيم چيو تھ اھڙي ڳالهھ علي رضا جي والدين سان ڪرڻ تي جوابدارن نور علي ۽ حبيب اللھ مون کي ڳالھين لاءِ پنھنجي گھر گھرايو، جتي 15 کان 20 ساٿين جي مدد سان يرغمال بڻائي مٿي ۽ ڏاڙھي جا اڌ وار ڪوڙيا ويا، جيڪو ظلم آهي. ھن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو تھ ڄاڻايل جوابدارن گھرواري فاطمه جا به وار ڪوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ زال تي تشدد ڪيو. جوابدارن تشدد بعد تئي سان منھن ڪارو ڪري گڏھھ تي چاڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان مزاحمت ڪئي. هن چيو تھ تذليل خلاف ٿاڻي تي وياسين، پر پوليس ڪا مدد نه ڪئي، مجبور ٿي پريس ڪلب پھتا آھيون. ھنن چيو تھ جوابدارن جا ٻيا ساٿي نقصان پھچائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي کان گھر ڪئي تھ تذليل ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button