پاڪستانسنڌ

شادي ڪرڻ تي مائٽ ۽ اڳوڻو مڙس مارڻ چاهين ٿا:هوسڙي واسڻ

ميرپورخاص: ھوسڙي جي رھواسڻ ناري شانو واڳڙيو ميرپورخاص جي علائقي لغاري پمپ واسي رامو واڳڙيو سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. جنهن بعد جوڙو تحفظ لا پريس ڪلب پهتو، جتي شانو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 2 سال اڳ مائٽن رميش سان شادي ڪرائي ھئي، رميش شراب جو موالي ھو، جيڪو اڪثر تشدد ڪندو ھو، جنھن سخت تشدد جو نشانو بڻائي سال اڳ طلاق ڏئي گھر مان بيدخل ڪري ڇڏيو، جنھن بعد روي سان ميرپورخاص عدالت ۾ شادي ڪئي، جنھن تي منھنجو والد ليلو ڪولھي، ڀاءُ لکو ۽ اڳوڻو مڙس رميش مڇرجي پيا آهن، جيڪي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا. جوڙي واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button