پاڪستانسنڌ

چيلهار جي نوجوانن ۾ بيت، تقريري ۽ اسٽيج پلي جا مقابلا

چيلهار: چيلهار ويجهو ڳوٺ اڪليون ۾ يوٿ دي ليڊرس آف ٽومارو جي عنوان هيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين نوجوانن، علائقي واسين، علمي ۽ سماجي شخصيتن جي شرڪت ڪئي. ينگ سوشل ريفارمرس ٿرپارڪر پاران منعقد پروگرام ۾ نوجوانن ۾ تقريري، بيت بازي، سنگنگ، ٽيبلوز، اسٽيج پلي ۽ ٻيا مقابلا ٿيا. پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ان موقعي تي سجاد ڪونڌر خطاب ڪندي چيو ته نوجوان آئيندي جا ابا آهن انهن جي بهتر تعليم سان گڏ بهتر تربيت پڻ ڪئي وڃي. شڪيلا ناز چيو ته نياڻين کي برابري جي بنياد تي تعليم سميت سمورن شعبن ۾ نمائندگي ملڻ گهرجي، ان سان ئي قوم ترقي ڪري سگهندي. گوبند چيلاڻي چيو ته نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۽ اهڙن چٽا ڀيٽي مقابلن سان لڪيل ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. تقريب ۾ احمد سميجو، خالد حسین سميجو، ممتاز نور ڪنڀر، فدا حسين سميجو، عنايت يوسفاڻي، شوڪت سميجو، گيان گر گوسوامي، محمد اقبال سميجو، حاڪم علي سميجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button