پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ نينگري جي بازيابي لا وارثن جو مظاهرو

ميرپورخاص: کاڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن مري مان پوڻا چار مھينا اڳ اغوا ٿيل 9 سالن جي ٻارڙي فوزيا خاصخيلي جي بازيابي لا سندس والد نظر محمد جي اڳواڻي ۾ وارثن ۽ سول سوسائٽي طرفان پريس ڪلب آڏو 11 ھين ڏينھن بھ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالھائيندي احتجاج ڪندڙن چيو تھ ايترا ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، جيڪو عمل ظاھر ڪري ٿو تھ پوليس بااثر ڀوتارن آڏو بيوس بڻيل آھي. ھنن چيو تھ پوليس جيڪڏھن سنجيدهھ قدم کڻي تھ نياڻي بازياب ٿي سگھي ٿي. ھنن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي نياڻي کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button