پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ 750 آر او پلانٽ بند، اينٽي ڪرپشن پاران عملدار اڄ طلب

مٺي: ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ سنڌ سرڪار پاران لڳايل 750 آر او پلانٽس منصوبي جي مرمت ۽ مختلف خرچن جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف سامهون آيو آھي. آر او پلانٽ جي ملازم عرفان بجير جي درخواست بعد اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص ليٽر جاري ڪندي پبلڪ هيلٿ کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن، ٺيڪيدار ۽ اوسلو ڪمپني جي عملدارن کي اڄ رڪارڊ ۽ تفصيل جمع ڪرائڻ لا طلب ڪري ورتو آھي. اينٽي ڪرپشن پاران طلب ڪرڻ تي ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي، جيڪي پاڻ بچائڻ لا سنڌ سرڪار جي اهم عهدن تي ويٺل ماڻھن ڏانهن ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آھي. معلوم ٿيو آھي ته آر او پلانٽ ملازم عرفان بجير لاڳاپيل اختيارين کي ڏنل درخواست ۾ ڪروڙين رپين جي مبينا ڪرپشن جا ثبوت ڏئي اهم انڪشاف ڪيا آھن ۽ اهو به ڄاڻايو آھي ته ساڍا 6 سئو جي لڳ ڀڳ ملازمن کي 28 مهينن جون پگهارون به نه ڏنيون ويون آھن، جنهن ڪري ملازم فاقا ڪاٽڻ سان گڏوگڏ سراپا احتجاج پڻ بڻيل آھن. اهڙي درخواست بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن عابد بلوچ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۽ اوسلو ڪمپني جي آفيسرن کي 20 ڊسمبر تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آھي. واضع رهي ته اوسلو ڪمپني کي ٺيڪو ملڻ بعد ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ اڄ به آر او پلانٽ بند پيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button